اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا طرفان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي حوالي سان سعودي عرب ۽ يو اي اي جي اختيارين سان رابطا ڪيا ويا آھن. جيو ٽي وي جي رپورٽ مطابق  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سعودي ۽ گڏيل عرب رياستن جي اختيارين سان آءِ ايم ايف جي قرض پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذيعن موجب رابطن جي نتيجي ۾ پاڪستان لاءِ جلد سٺي خبر اچڻ جي اُميد آهي. واضح رهي ته آرمي چيف ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان به رابطو ڪري آءِ ايم ايف مٿان پاڪستان کي قرض ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪئي هئي.