لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جِي عدالت مذهب مٽائي پرڻو ڪندڙ ناري آرتي ڪيس ۾ سندس مڙس هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ محمد فواد جي جسماني رمانڊ ۾ 5 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي، محمد فواد اغوا ڪيس ۾ جوابدار نامزد آهي، ناري آرتي کي دارلامان مان عدالت ۾ پيشي جون تياريون مڪمل ٿي ويون، آرتي جي وارثن پاران عدالت ٻاهران احتجاج ڪيو ويو.