لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي واسڻ ناري آرتي ٻائي عرف عائشه سان ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان محمد فواد صحافين کي ٻڌايو ته هو ڪراچي ناگن چورنگي نارٿ ناظم آباد واري علائقي جو رهائشي ۽ هربل پراڊڪٽس جو ڪاروبار ڪندڙ آهي، 6 ڏينهن اڳ آرتي اسان جي آفيس ۾ آئي جتي هن اسلام قبول ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ کيس رهڻ جي لاءِ جڳهه نه هئڻ تي آءُ آرتي ٻائي کي پنهنجي گهر وٺي ويس، جتي منهنجي والدين آرتي کي پنهنجي گهر واپس وڃڻ جي هدايت ڪئي پر هن صاف انڪار ڪيو، جنهن تي آرتي ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ اسلام قبول ڪري مون سان نڪاح ڪيو آهي، جنهن جو هينئر اسلامي نالو عائشه آهي. هن چيو ته منهنجي گهر وارن کي ٻڌايو ويو ته مون کي ٿاڻي وٺي وڃي رهيا آهن، ان دوران پيءُ ڊاڪٽر ابصار جو موبائيل به ضبط ڪيو ويو. هن چيو ته منهنجي گهر وارن کي اِها خبر هئي ته پوليس اسان کي ڪراچي جي ڪنهن ٿاڻي تي وٺي وڃي رهي آهي پر اسان کي بعد ۾ معلوم ٿيو ته پوليس اسان کي لاڙڪاڻي کڻي وڃي رهي آهي. هن چيو ته اسان جي پاڻ ۾ محبت ٿي وئي آهي ۽ ٻنهي پاڻ ۾ هڪ صلاح ٿي پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جيڪو ڪو ڏوهه ناهي، اسلام ۽ قانون پڻ پنهنجي مرضيءَ موجب شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو، اسين ٻئي زال مڙس خوش آهيون ۽ اسان کي گڏ رهڻ ڏنو وڃي. علي گوهر آباد پوليس جو چوڻ آھي ته فواد جو عدالت پاران چئن ڏينهن جو رمانڊ مليل آھي، جيڪو هاڻي پوليس حوالي ٿيل آھي.