لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي هندو ناري آرتي پاران مسلمان ٿي شادي ڪرڻ واري معاملي جو سنڌ جي وڏي وزير نوٽيس وٺندي اءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي سان ان حوالي سان رابطو ڪيو. ٻئي پاسي ناري آرتي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن بعد کيس ٻن ڏانهن لاءِ دارالامان حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ساڻس شادي ڪندڙ محمد فواد کي پڻ ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. واضع رهي ته 5ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو جي علي گوھر آباد محلي واسڻ ناري آرتي جي وارثن علي گوهر آباد ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، اي ايس پي سٽي احمد فيصل چوڌري موجب، ناري مسلمان ٿي ڪراچي جي نوجوان محمد فواد سان شادي ڪئي آهي، ناري ۽ نوجوان کي ڪراچي مان هٿ ڪيو ويو، ٻنهي کي لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ناري جي وارثن عدالت جي احاطي ۾ احتجاج پڻ ڪيو، محمد فواد ٻڌايو ته آرتي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي ناگن چورنگي ۾ سندس آفيس پهچي ٻڌايو ته هوءَ هتي پنهنجي دوست جي شادي ۾ آئي آهي واپس گهر نٿي وڃڻ چاهي، محمد فواد ٻڌايو ته آرتي مسلمان ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس، مان آرتي کي واپس گهر وڃڻ جو چيو پر هن انڪار ڪيو، سٽي ڪورٽ ۾ آرتي مسلمان ٿي مون سان شادي ڪئي، مسلمان ٿيڻ بعد آرتي جو نالو عائشه رکيو ويو، پوليس اسان کي گهر مان وٺي آئي آهي، نڪاح نامو گهر آهي، منهنجي گهروارن کي اها ئي خبر آهي ته مونکي ڪراچي جي ڪنهن ٿاڻي تي رکيو ويو آهي.