اسلام آباد(بيورورپورٽ) بلوچستان نيشنل پارٽي چيو آهي ته آدمشماري اهم آهي جنهن ۾ ڪيتريون شيو طئي ڪيون وينديون آهن اتي ذميواري آهي ته بلوچ ۽ بلوچستان واسي جي حيثيت ۾ عوام ان ۾ ڀرپور حصو وٺي، صوبي ۾ رهندڙ لکين افغان پناهگيرن کي مقامي آبادي کان ڌار ڪري آدمشماري ڪئي وڃي ۽ انهن کي گهرشماري ۽ آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو وڃي. لکين پناهگير خاندانن کي شامل ڪرڻ سان بلوچستان جا بلوچ، پشتون ۽ هزاره آبادڪار ۽ ٻيا متاثر ٿيندا جيڪو ظم هوندو. آدمشماري ڪندڙ عملي جي ذميواري آهي ته اهي افغان پناهگيرن کي ڪئمپن ۽ ٻين ٻاهرين علائقن ۾ ڳڻپ کان ٻاهر رکن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته سياري ۾ بلوچستان جي ٿڌن علائقن مان ماڻهو گرم علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا آهن انهن کي به ڳڻپ ۾ شامل ڪيو وڃي نه ته اها به ناانصافي ٿيندي. بيان موجب بلوچستان جي حالتن کي به نظر ۾ رکيو وڃي ۽ آواران، ڪوهلو، ڊيره بگثي سميت مڪران ڊويزن مان لڏي ويندڙن کي به لازمي ڳڻيو وڃي. بلوچستان يتيم خانو نه آهي جتي لکين ماڻهن کي آباد ٿيڻ جي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. هر شعور رکندڙ ماڻهو ذميواري سمجهه آدمشماري ۾ حصو وٺي.