اسلام آباد: آدمشماري لاءِ ٺاهيل پورٽل تي 43 لک ماڻهو پنهنجا تفصيل ڀري چڪا آهن، شماريات بيورو جي ترجمان پريس ڪانفرنس دوران چيو ته 20 فيبروري کان پاڻمرادو آدمشماري جي ڊيٽا پورٽل ذريعي ڀرڻ جو عمل شروع ٿيو، هن وقت تائين 43 لک ماڻهو پنهجا تفصيل ڀري چڪا آھن.