اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت آدمشماري تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا خدشا ختم ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق ۽ جاويد حنيف تي ٻڌل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد حڪومتي وفد سان ملاقات ڪئي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد حڪومتي ميمبرن خواجه آصف، خواجه سعد رفيق ۽ احسن اقبال کي تازي آدمشماري تي تفصيلن کان پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو. وفد جو چوڻ هو ته ڪراچي جي آبادي کي معمول کان گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. حڪومتي وفد ايم ڪيو ايم پاڪستان کي خدشا ختم ڪرائڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي.