اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي ٿيل اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو، سنڌ صوبي پاران 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي قبول ڪرڻ کان انڪار، حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ جو سومر ڏينهن اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر، شفقت محمود، عمر ايوب، فواد چوڌري، محمد ميان سومرو، فروغ نسيم، حماد اظهر، کان علاوه خصوصي معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ تابش گوهر به شريڪ ٿيا، مسلسل 4 ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ 8 نقاطي ايجنڊا تي منظوري لاءِ غور ٿيو، اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ لاءِ غور ٿيو، ذريعن مطابق پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي وڏن وزيرن 2017ع جي آدمشماري کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته بلوچستان صوبي جي وڏي وزير ان حوالي سان مشاورت ڪرڻ لاءِ وقت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي مخالفت ڪندي مطالبو ڪيو ته سي سي آءِ جو اڳ ئي فيصلو ٿيل آهي ته 5 سيڪڙو سينسز بلاڪن جي ٻيهر آڊٽ ڪرائي ويندي، جنهن فيصلي تي عمل ڪرڻ کان پوءِ سامهون ايندڙ نتيجن جي روشني ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيڻ گهرجي، ذريعن مطابق سنڌ جي وڏي وزير موقف اختيار ڪيو ته سنڌ صوبي جي 2017ع ۾ ٿيل آدمشماري ۾ آبادي کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، ان ڪري 2017ع جي آدمشماري جا انگ اکر قبول ناهن، وزيراعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ٿيل بيان مطابق 2017ع جي آدمشماري جي انگن اکرن کي سرڪاري طور تي لاڳو ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ ايندڙ سومر واري ڏينهن يعني 12 اپريل تي سي سي آءِ جو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندو، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ آئين جي آرٽيڪل 154 جي شق 3 تحت سي سي آءِ جي نئين مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سي سي آءِ نيپرا جي سال 2019-20 ۽ اسٽيٽ آف انڊسٽري بابت سال 2020ع جي رپورٽ جي به منظوري ڏني، سي سي آءِ اجلاس ۾ تيل پيداوار ۽ دريافت بابت پيٽروليم پاليسي 2012ع ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ سي سي آءِ جي گذريل اجلاسن ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد رپورٽ به پيش ڪئي وئي، نيپرا جي سال 2018-19ع ۽ اسٽيٽ آف انڊسٽري رپورٽ 2019ع ۾ گذريل سي سي آءِ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي هدايت مطابق صوبن جي تجويزن کي شامل ڪرڻ کان پوءِ انهن رپورٽن جي به منظوري ڏني وئي ، سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ايل اين جي امپورٽ ۽ گيس پيداوار ڏيندڙ صوبن کي ان گيس استعمال ۾ پهريون حق ڏيندڙ آئين جي آرٽيڪل 158، گيس ۽ تيل پيداوار ۾ صوبن کي 50 سيڪڙو حصيدار هجڻ جو آئيني حق ڏيندڙ آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق 3 تي عملدرآمد لاءِ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڪاميٽي ۾ رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر، توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب، بجلي ۽ پيٽروليم بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون تابش گوهر کي ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي ملڪ اندر گيس جي گهٽ ٿيندڙ ذخيرن ۽ گيس گهرج ۾ ٿيندڙ اضافي وارن چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن سان مشاورت ڪري ان حوالي سان اتفاق راءِ پيدا ڪندي، اڻ سڌي طرح وفاقي حڪومت صوبن جي مٿي ڄاڻايل ٻنهي آرٽيڪلن ۾ تسليم ڪيل آئيني حقن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سي سي آءِ جي اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي اعليٰ تعليم جي حوالي سان معيار مقرر ڪرڻ جو واحد ادارو قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ذريعن مطابق ان بعد صوبائي حڪومتن کي صوبن اندر قائم ٿيل يونيورسٽين جي انتظامي مامرن کي ڏسڻ جو اختيار هوندو، وفاق پاليسيون طئي ڪندو، مختلف شين جي معيار طئي ڪرڻ جي حوالي سان قائم ٿيل پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي سڄي ملڪ لاءِ شين جي حوالي سان معيار طئي ڪندي، صوبا ان حوالي سان پنهنجي مقرر ڪيل معيارن کي ختم ڪري پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي معيارن کي اپنائيندا، ان تي به اتفاق ڪيو ويو ته معياري ليبلنگ ۽ سرٽيفڪيشن مارڪس جي علامت (لوگو) جا مامرا پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيار ۾ بدستور رهندا، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 25هين آئيني ترميم تحت اڳوڻي فاٽا جا علائقا خيبر پختونخوا صوبي جي ماتحت ٿي ويا آهن، جنهن ڪري فاٽا جي علائقن جي زڪوات فنڊ جي رقم خيبر پختونخوا صوبي کي منتقل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.