آدمشماريءَ ڪنھن ملڪ لاءِ ڇو ضروري آهي؟

0
167
آدمشماريءَ ڪنھن ملڪ لاءِ ڇو ضروري آهي؟

 آدمشماريءَ جي لفظي معنيٰ آهي ماڻهن جي ڳڻپ، سولي سنڌي ۾آدم ڳڻپ چئجي ته بھتر ٿيندو، ظاھري طور تي ته ھي ھڪ ننڍڙو لفظ لڳي ٿو پر پنهنجي ڳر ۾ ھڪ وسيع پس منظر رکندڙ لفظ آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾آدمشماريءَ ڪئي ويندي آهي جنھن سان سڀ کان پهرين اھا خبر پوندي آهي ته ان ملڪ ۾ رھندڙ ماڻهن جو ڪل تعداد ڪيترو آهي،انھن ۾ مرد ڪيترا ۽ عورتون ڪيتريون آهن. نوجوانن جو تعداد ڪيترو آهي، انھن جي تعليم جا صحيح انگ اکر به ملي وڃن ٿا، ڪيترا ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ مقرر ڪيل آهن، ڪيترا تعليم يافته نوجوان بي روزگاري واري زندگيءَ گذاري رهيا آهن. ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن جي سراسري عمر جو اندازو به آدمشماريءَ مان لڳايو ويندو آهي، شھري ۽ ٻھراڙي واري زندگيءَ ۾ ماڻھن کي ڪھڙيون بنيادي سهولتون ميسر آهن ۽ ڪھڙين شين جي ضرورت آھي. ملڪ ۾ ڪيترا پرائمري اسڪول فنڪشنل آهن، ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ڪيترا ھلندڙ آھن، انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جو تعداد معلوم ٿي پوي ٿو. جنھن سان حڪومت انھن جي آئينده لاءِ رٿابنديءَ تيار ڪندي آهي ۽ روزگار جا نوان موقعا پئدا ڪندي آهي، مطلب ته ھي ھڪ اھڙو جامع عمل آهي جنهن سان وقت جي حڪومت پنهنجي عوام لاءِ بنيادي ضرورتن جھڙوڪ، بجلي، اسپتالون، روڊ رستا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، زراعت ۽ پيئڻ جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي آهي. پاڪستان جي حوالي سان ڳالھه ڪجي ته ملڪ جي قانون موجب ھر ڏھين سال آدم ڳڻپ ٿيڻي آهي، 1951ع ۾ پھرين آدمشماريءَ ڪئي وئي، جنھن کان پوءِ مختلف وقتن تي به آدمشماريون ٿينديون رهيون آهن، اھڙي طرح آخري آدمشماريءَ 2017ع ۾ فوج جي نگرانيءَ ۾ ڪرائي وئي،جنھن مطابق پاڪستان جي ڪل آباديءَ ويھه ڪروڙ ڇاھتر لک اسي ھزار تي بيٺل هئي پر ھن دفعي مقرر وقت کان ٽي سال اڳ ستين آدمشماريءَ پھرين مارچ 2023ع کان شروع ٿي رهي آهي. جيڪا مڪمل ڊجيٽلائيز نموني ٿي رهي آهي، جنھن جون تياريون تقريبن مڪمل ٿي چڪيون آهن. جنهن ۾ پين ۽ پني جو استعمال نه ڪيو ويندو، پر ڳڻپ ڪندڙ عملي کي جديد نموني ڊزائين ڪيل ٽيبليٽ ڏنا ويا آهن ڳڻپ ڪندڙ عملو گھر گھر وڃي پھرين ٽي ڏينهن گھر شماري ڪندو، جنھن کان پوءِ ماڻهن جي ڳڻپ جو عمل شروع ڪيو ويندوھڪ بلاڪ جو ڪم پندرھن ڏينھن ۾ پورو ڪرڻو آهي. عام طور تي وڏي آبادي واري ملڪ ۾ آدمشماريءَ جو عمل ھڪ مھيني ۾ مڪمل ڪرڻو پوندو آهي پر جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ھڪ ڏينھن لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪري ھڪ ڏينھن ۾ به آدمشماريءَ ڪرائي سگھي ٿي ۽ اھو ڪم ھڪ ھفتي ۾ به ٿي سگھي ٿو.

تاريخي طور ڏٺو وڃي ته دنيا جي پھرين آدمشماريءَ بابلين تھذيب ۾ ڏسجي ٿي جيڪا لڳ ڀڳ ڇھه ھزار سال اڳ ۾ شروع ٿي جنهن مطابق اھي ھر ڇھين يا ستين سال آدم ڳڻپ ڪرائيندا هئا. جنھن ۾ ماڻھن جي ڳڻپ، چوپائي مال جي ڳڻپ، جانورن مان حاصل ٿيندڙ کير، مکڻ ۽ڀاڄين جي اپت جي مڪمل سروي ڪرائيندا هئا، ان کان پوءِ ٻين قومن به شروعات ڪئي جنھن ۾ چيني ۽ مصري قومون به اچي وڃن ٿيون.اھڙي طرح سترھين صدي عيسويءَ ۾ برطانيه آدمشماريءَ جي باقائده شروعات ڪئي. ڏٺو وڃي ته ڪنهن به ملڪ جي عوام لاءِ آدمشماريءَ جي تمام وڏي اھميت آهي ڇوته جڏهن حڪومت وٽ ملڪ ۾ رھندڙ ماڻھن جا صحيح انگ اکر موجود ھوندا ته ان مطابق ماڻهن جي سھولت لاءِ حڪومت رٿا بندي جوڙيندي آهي. جنھن۾ تعليم، روزگار، صحت ۽ ٻيون بنيادي ضرورتون شامل آهن،حقيقت ۾ ڪنھن به قوم جو مستقبل آدمشماريءَ سان سلهاڙيل ھوندو آھي. ڪنھن به قوم جا صحيح انگ اکر آدم ڳڻپ مان ملي سگھن ٿا. جيترو ھي ڪم صاف شفاف، ايمانداري ۽ ذميداري سان ٿيندو اوترو ان قوم جا حق محفوظ رهندا، ھاڻي پهرين مارچ 2023ع کان ستين ڊجيٽل آدمشماريءَ شروع ٿي رهي آهي. اسان کي گھرجي ته حڪومت پاران مقرر ڪيل عملي سان مڪمل تعاون ڪريون۽ پنهنجي گهر جي سمورن ڀاتين کي ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ڪرائي مھذب قوم ھئڻ جو ثبوت ڏيون، جيڪڏهن ڪنھن به قسم جي ھيرا ڦيري نظر اچي ته اسان فورن ان ڪڌي ڪم جو نوٽيس وٺي اعليٰ اختيارن تائين پهچايون. عوام جي سھولت خاطر ھن دفعي سيلف اينيوميريشن جو پورٽل کوليو ويو آھي جنھن۾ ڪو به ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ۽ فيملي کي ڊجيٽل نموني سيل فون، ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر ذريعي رجسٽر ڪرائي سگھي ٿو. ڏٺو وڃي ته ھي به ھڪ قسم جي عوام لاءِ وڏي سھولت آهي جنھن مان ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو، جيئن ته اڄ ڪلھه ھر ھڪ ماڻھوءَ وٽ يا گھر ۾ ڪنهن وٽ به اھڙي قسم جو  اينڊرائڊ موبائل فون موجود ھوندو جنهن سان اسان  پاڻ کي رجسٽر ڪرائي پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته اسان ايندڙ آدمشماري ۾ ڀرپور حصو وٺون، پنهنجا صحيح انگ اکر داخل ڪرايون ته جيئن اسان جي رياست عوام ۽ ملڪي بهتري لاءِ مربوط رٿابندي ڪري سگهي.