اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، حنا رباني کر ۽ نويد قمر جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ رزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم کي ڪانفرنس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي، پرڏيهي وزير بلاول وزيراعظم کي پنهنجي آمريڪي ياترا بابت به آگاهه ڪيو. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري ڪرم ۾ جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد جوانن قوم لاءِ پنهنجي حياتي ڏني، انهن جي قرباني کي نه وسارينداسين، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اسان جي جنگ جاري رهندي.