آخرعوام ڪڏھن سجاڳ ٿيندو !!!

0
253
آخرعوام ڪڏھن سجاڳ ٿيندو !!!

 اٽو 42 رپيا ڪلو، کنڊ 60 رپيا ڪلو، ڀاڄيون 40 کان 60 رپيا ڪلو،دال 150 رپيا ڪلو،کير 80 رپيا ڪلو،مرغي جو گوشت 200 کان 250 رپيا ڪلو۽ گيھ 150 کان 160 رپيا ڪلو، پيٽرول 87 رپياليٽرجا پمفليٽ  ڇپرائيندڙ موجوده حڪمران، اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ  قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪري ملڪي روايتي انداز ۾ پيٽرول جي قميت ۾ 5 رپيا لاٿ آڻي ٻئي ڏينھن ڊالر کي بي قابو ڪري ڇڏين ٿا. ڪالھ جھڙي ريت ڊالر بي لغام اڏام ڪئي آھي، لڳي ٿو مارچ جي مھيني ۾ ئي ڊالر 300 رپين جو ٿي ويندو. جڏھن عمران خان اقتدار ۾ ھو ۽ آئي ايم ايف جي اشارن تي ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو ويو ته نوازشريف جي مسلم ليگ توڙي آصف زرداري جي پيپلزپارٽي پريس ڪانفرنسن، اسيمبلين توڙي جلسن جلوسن ۾ پنھنجي حڪومتن جا انگ اکر پيش ڪري حڪومت کي عوام جي مٿان مڙھيل عذاب سان تشبيع ڏيندا ھئا، اڄ عمران خان جي پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پنھنجي ئي اقتدار ۾ شروع ڪيل انھي سونامي ۽ تباھي جو ڪارڻ موجوده حڪمرانن کي چئي، سوشل ميڊيا توڙي قومي ميڊيا تي واويلا ڪري رھي آھي. اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي جدوجھد ۽ سياسي جماعتن جا موقف ته بس ميوزڪ چيئر جيان تبديل ٿيندا رھندا آھن، انھي جو احساس ھاڻ سياستدانن ۾ پڻ شدت اختيار ڪري چڪو آھي، سينئر کان سينئر سياستدانن جي اقتدار وارا بيان کڻو ڏسو ۽ وري مخالف بينچن تي سندن موقف ٻڌي ڏسو، اوھان کي لفظ ته ھميشه ساڳيا لڳندا بس ميوزڪ چيئر جيان فرق صرف ڪرسي جو ھوندو.

مون کي حيراني عوام تي آھي ته عوام گھٽين ۾،بسن ۾، گھرن ۾، بازارن ۾ زبان خرچ ته ڪري ٿي ته مھانگائي ٿي ويئي آھي پر ڪو هڪ آواز بلندنٿي ڪري، اسين ھاڻ اھو سھندا سھندا پٿر بڻجي چڪا آھيون، اسان تي مھانگائي جو طوفان آندو وڃي يا وري حياتي کسي وڃي پر اسان نه پھرين مزاحمت ڪئي آھي نه ڪي ھاڻ اھو جگر رکون ٿا.ملڪ جو ڏيوالو نڪري يا اسان جو پاڙيسري بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي خودڪشي ڪري اسان کي ان سان مطلب ناھي، ان جو وڏو مثال قومي اخبارون توڙي قومي ميڊيا تي ھلندڙ ٽرينڊ ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.پھرين پي ٽي وي حڪومتي موقفن جو دفاع ڪندو ھو. ھاڻي ھر ھڪ سياسي جماعت جا پنھنجا چينل آھن جن سان اھي پنھنجي مرضي مطابق عوام جي سوچ جو رخ موڙي رھيا آھن. ڪنھن بہ چينل کي لڳايو ،ائين لڳندو ته ملڪي معشيت کان وٺي مسڪيني ۾ گھاريندڙ عوام جنھن کي سندس بنيادي سھولتن کان وٺي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آھي ان جا سڀ مسئلا حل ٿي چڪا آھن. جيڪڏھن ھن وقت ملڪ ۾ ڪو بحران آھي ته فقط پنجاب ۽ خيبر پختون خواه جون چونڊون آھن يا وري عمران خان جي عدالت ۾ پيشي ۽ سندس ضمانت آهي. عمران خان جي سياست ملڪي نظام جي ڀرم وارا سڀ بخيا اڍڙي ڇڏيا آھن،جيڪي اقتداري فيصلا قومي راز بڻائي ڪيا ويندا ھئا، سي عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ۽ اقتدار کسجڻ کانپوءِ ھر عام ۽ خاص جي زبان تي اچي چڪا آھن،منھنجي خيال موجب عمران خان ڪنھن نظريي خاطر اھو سڀ ڪجھ  ناھي ڪيو نه ھن کي عوام سان ڪا ھمدردي آھي  پر اقتدار لاءِ چاهه ۽ اقتدار کسجڻ جي تڪليف۾ ھن رياستي نظام کان اھو انتقام ورتو آھي جنھن تي ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو.

 جڏھن بريڪنگ نيوز ۾ ٻڌايو ويو پئي ته پيٽرول 5 رپيا ۽ گاسليٽ 15 رپيا سستو ڪيو ويو آھي ته مون به سوچيو ٽانڪي فل ڪرائي ڇڏجي، ته ٽين ڊٻي وارو جيڪو پنھنجي موٽر سائيڪل ۾ تيل وجھرائڻ آيو ھو ھن فلنگ بواءِ کان پيٽرول جي لاٿ بابت معلوم ڪيو ته سندس ردعمل ھو ته ادا جيڪڏھن 5 رپيا لاٿا اٿن ته وري ڪجھ ڏينھن ۾ 20 رپيا قيمت چاڙھي ڇڏيندا. مون کي ان وقت پنھنجي ماڻهن تي ڏک ٿيو ته حڪومتي اشرافيه جي نفسيات کي ھڪ اڻپڙھيل مزدور به سمجھي چڪو آھي ۽ انھن قيمتن کي کلي يا روئي قبول ڪري ويھي ٿو پر ھن کي سوال ڪرڻ  جو سندس سماجي فرض به پري پري تائين ياد ناھي.منھنجي نظر ۾ يقينن ملڪ کي ھن حالتن ۾  ھڪ ريڙھي ھلائڻ واري يا سڄو ڏينھن سردي ۽ گرمي ۾ مزدوري ڪرڻ واري ئي پھچايو آھي، چوندا آھن ته ظلم ڪرڻ واري کان ظلم سھڻ وارو انھي ڏوھ جو ذميوار ھوندو آھي.

اسين قطعي بطور عوام اھو چئي پنھنجي ذميوارين کان آزاد نٿا ٿي سگھون ته ھن بدنصيب ملڪ کي ڪو عوامي اڳواڻ نه ملي سگھيو آھي،ڪو به ملڪ بدنصيب ناھي ھوندو ھر ھڪ ملڪ جو بنياد سندس عوام ھوندي آھي پر جڏھن پاڙ کي ئي سستي ۽ ڪاھلي جي اڏوھي لڳي چڪي ھجي ته پوءِ يقينن بدنصيب لفظ به ملڪ جي لاءِ انتھائي ننڍو محسوس ٿيندو آھي.

اسان کيملڪ  ۽ عوام تيسياستدانن توڙي اشرافيه جا  ڪيل احسان باربار ياد ڏياريا ويندا آھن، ڪا سياسي پارٽي آئين کي ٺاھڻ جو پٽڪو پنھنجي سر تي رکندي آھي تهڪا سياسي پارٽي ايٽمي طاقت بڻجڻ جو احسان جتائيندي آھي، تهوري ڪا سياسي پارٽي ورلڊ ڪپ کٽي اچڻ جي ڳالھ ڪندي آھي،ڪي ملڪ کي قرض ڏيارڻ جو ڪريڊٽ کڻندا آھن ته ڪي وري اسان جي حفاظت جي لاءِ پنھنجون قربانيون ڳڻائيندا آھن،پر ملڪ کي ھن حال ۾ پھچائڻ جا ذميوار ظاهر هجڻ باوجود به اسان جا حڪمران آھن. اسان نسلن کان ائين ئي  پيڙھجنداپيا اچون ۽ خبر ناھي ته ايندڙ ڪيترن نسلن تائين انھي اشرافيه جي احسانن جو قرض عوام لاھيندي رھندي.

 تازي منظر نامي ۾ جتي سياست ۽ انتظاميه جي وچ ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي.ان ۾ عوام ۽ سندن فائدو پري پري تائين نظر نٿو اچي پر ھڪ ڳالھ ضرور سمجھ ۾ اچي ٿي تهجيڪڏهن عوام سجاڳ ھجي ها ۽ احتساب ڪرڻ جي قابل پاڻ کي بڻائي ھا ته اڄ بي  روزگاري،بک،بدحالي مان نه گذري ھا.