ڪوٽڙي(رپورٽر) ايريگيشن کاتي ڪراچي واهه تان پاڻي چورائڻ لاءِ لڳل غير قانوني مشينون هٽائڻ لاءِ رينجرز کان مدد گهري ورتي. آبپاشي کاتي جهرڪ سب ڊويزن جي اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ ڪي بي فيڊر جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر قاسم رينجرز جي ونگ ڪمانڊر کي مدد لاءِ ڌار ڌار خط لکي ڇڏيا. خطن ۾ ڄاڻايل آهي ته ڊپٽي ڪمشنر نشاندهي ڪئي آهي ته ڪوٽڙي جي حدن ۾ ڪراچي واهه تي غير قانوني مشينون رکي ٽينڪر مافيا کي پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي. مشينون هلڻ سبب واهه جا ڪپر ڪمزور ٿي رهيا آهن، مشينن جا بااثر مالڪ اريگيشن عملدارن جو چوڻ نٿا وٺن. خط ۾ غير قانوني مشينون هٽرائڻ لاءِ ريجرز کي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪيل آهي. هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي موجب غيرقانوني مشينون هٽرائڻ ايريگيشن جو ڪم آهي، انهن قدم نه کنيو ته ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ ايندي.