ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ ۾ سرڪاري زمينن ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ روينيو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۾ دير ڪرڻ تان بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر کي ڇنڊ پٽيندي سرڪاري زمينن ۽ فلاحي پلاٽن تان 3 مهينن ۾ قبضا ختم ڪرائي  لکت ۾ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آبپاشي، صحت ۽ ٻيلي کاتن جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت ورتل پاڻمرادو نوٽيس جي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ جو ايڊووڪيٽ جنرل، بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر ۽ سرڪاري وڪيل پيش ٿيا. ان موقعي تي عدالت بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بقا الله انڙ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اڃا تائين قبضا ختم ڇو نه ڪرايا آهن؟ جنهن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اڃا ڪارروائي جاري آهي. عدالت چيو ته ٻڌايو وڃي ته سرڪاري زمينن تان قبضا  ڪيستائين ختم ڪرايا ويندا؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ وقت گهربل آهي، جنهن تي عدالت سرڪاري زمينن ۽ فلاحي پلاٽن تان 3 مهينن ۾ قبضا ختم ڪرائي لکت ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آبپاشي، فاريسٽ ۽ صحت کاتن جي زمينن ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو،