حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار اتحاد برساتن جي اڳڪٿي جي باوجود برساتي پاڻي جي قدرتي گذرگاھن کي بحال نه ڪرڻ واري عمل تي ڳڻتي ظاهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جا قدرتي رستا بحال نه ٿيا ته گذريل سال جيان ھن سال به کربين رپين جو مالي نقصان ٿيندو ان ڪري جنگي بنيادن تي برساتي پاڻي جي نيڪال جا قدرتي رستا بحال ڪرايا وڃن. اھڙو اظھار سنڌ آبادگار اتحاد جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. نواب زبير ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ محمد جاويد رياڙ، محمد انوار، عبدالرحيم درس، سيف الله گل، مير صوبدار، عبدالحق زنئور، خالد قائمخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته موسميات کاتي پاران ھن سال به سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي. اڃا گذريل سال جي برساتن جي تباهڪارين جو ازالو نه ٿيو جو مٿان وري ٻيهر برساتون شروع ٿيڻ واريون آهن. گذريل سال ٿيل نقصان جي باوجود اڃا تائين برساتي پاڻي جي قدرتي گذرگاھن کي بحال نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب خدشو آهي ته هن سال به برساتن جي ڪري کربين رپين جو مالي نقصان ٿيندو ان ڪري سنڌ حڪومت ھنگامي بنيادن تي پاڻي جي قدرتي رستن جي بحالي کي ممڪن بڻائي. اجلاس ۾ بجلي جي وڌندڙ اگھن بابت چيو ويو ته زراعت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ بجلي بلن تي سبسڊي ڏني وڃي. زرعي صارفين کي فڪسڊ 8 رپيا في يونٽ بجلي ڏني وڃي. اجلاس ۾ ڀاڻ جي مصنوعي کوٽ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڀاڻ جي ذخيري اندوزي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ۾ سنڌ جو زراعت کاتو ملوث آهي ان ڪري فوري طور ذخيرو ڪندڙ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري ڀاڻ جي ھٿرادو بحران کي ختم ڪيو وڃي ۽ پنجاب جيان سنڌ ۾ به فرٽيلائيزر ايڪٽ بابت قانونسازي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌي وڃڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته درياھ جي وھڪرن جي مجموعي صورتحال بھتر آھي پر ان ھوندي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ھئڻ زيادتي آهي. اڪثر واھن جي ٽيل تي پاڻي نه آهي. سرفراز واھ جي کيسانه ٽو شاخ جي لائننگ جو ڪم درست نه ٿيڻ ۽ دروازا غلط لڳائڻ سبب پڇڙي جا فصل سڪي رھيا آھن ان ڪري فوري طور درست ڊزائين وارا دروازا لڳايا وڃن. اجلاس ۾ ملڪ اندر ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ کنڊ جي وڏي پيماني تي اسمگلنگ کي روڪڻ جو به مطالبو ڪيو ويو.