ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران آبادگارن جون تجويزون رد، ڪمند جو في مڻ اگهه 302 رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو، ايوان زراعت ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جا اگھن بابت ڌار ڌار موقف سامهون اچي ويا، آبادگار بورڊ پاران 321 رپين کان گھٽ اگهه قبول ڪرڻ کان انڪار، ايوان زراعت 302 رپيا في مڻ اگھه  تسليم ڪري ورتو، پاسما پاران سنڌ حڪومت کي ڪمند اگھه گھٽائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي ان حوالي سان ڪالهه سنڌ حڪومت پاران هلندڙ سال ڪمند جو في مڻ اگھه 302 رپيا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ زراعت بابت صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هن سال ڪمند جو في مڻ اگھه 302 رپيا هوندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي سختي سان ڪيل هدايتن کانپوءِ صوبي ۾ شگر ملون به هلڻ شروع ٿي ويون آهن. رات ديرتائين ڪمند جي اگھه بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري  ڪيو ويو هو. واضح رهي ته پنجاب 300 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪيو هو، ان حوالي سان سنڌ حڪومت کي ڪجهه هفتا اڳ سنڌ شگرڪين بورڊ جي ٿيل اجلاس ۾ آبادگار تنظيمن پاران ڪمند جو في مڻ اگهه  321 رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي،  سنڌ سرڪار انهي تجويز کي رد ڪندي 302 رپيا في مڻ اگھه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٻئي طرف ايوان زراعت پاران 302 رپيا في مڻ اگهه واري سرڪاري فيصلي کي قبول ڪيو ويو آهي، ان ڏس ۾ ايوان زراعت جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سان کي  302 رپيا اگھه به قبول آهي، آبادگار معاشي طور پريشان  آهن، ڪمند کي گھڻي دير زمين ۾ روڪي نٿو سگھجي، هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز شاھ “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي گذريل اجلاس ۾ ڪمند جي في مڻ تي پوکي کان وٺي ڪٽائي تائين ايندڙ خرچ جا تفصيل به پيش ڪيا ويا هئا. جنهن تحت في مڻ 321 رپيا اگهه آبادگارن جو حق آهي،  سرڪار اسان جون تجويزون رد ڪندي گھٽ اگھه رکيو  آهي جيڪو اسان کي قبول ناهي. هوڏانهن پاسما جي چيئرمين عاصم غني “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪار کنڊ جي اگھن تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ رڳو ڪمند جي اگھن جي ڳالهه ڪري ٿي، هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته ڪمند جو اگهه 302 رپين کان به گھٽ ڪيو وڃي ته جيئن شگر ملز مالڪ به نقصان کان بچي سگھن. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 29 نومبر تائين  شگر ملون هلائڻ جي حڪم باجود پرڳڻي جون 37 مان رڳو 6 شگرملون هلي سگهيون آهن، جنهن ڪري لاڳاپيل علائقن جا آبادگار سخت پريشان آهن. ان حوالي سان آبادگار اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته شگر ملز مالڪن کي شگر ملون هلائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.ٻئي پاسي وفاقي حڪومت کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ اڄ اسلام آباد ۾ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو، وفاقي وزير طارق بشير چيما جي صدارت هيٺ رٿيل اجلاس ۾ کنڊ جي ايڪسپورٽ جي حوالي سان  پاسما جي مطالبن تي غور ڪيو ويندو.