اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير خورشيد شاهه ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏيندي ان مسئلي تي قومي ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ڏانهن لکيل خط ۾ خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي انتهائي خطرناڪ آهي، آبادي ۾ تيزي سان واڌ وارن ملڪن ۾ پاڪستان جو پنجون نمبر آهي. خط جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي آبادي ۾ هر سال پنجاهه لک تائين واڌ ٿي رهي آهي اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪجهه ورهين اندر ملڪ جي آبادي 30 ڪروڙ تائين پهچي ويندي. هن چيو ته اها واڌ گڏيل طور ملڪي وسيلن تي بري نموني اثرنداز ٿيندي، آبادي ۾ واڌ، صحت، تعليم، توانائي، رهائش، کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين شعبن کي ناقابل برادشت نقصان رسندو. پ پ اڳواڻ پنهنجي خط ۾ لکيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ اهو معاملو صوبائي ضرور آهي پر صوبا ان معاملي تي ڪو ڪم نه ڪري سگهيا. هن مطالبو ڪيوته هن اهم ترين مسئلي تي فوري قومي ڪميشن جوڙي وڃي، ڪميشن ۾ چئني صوبن ۾ هڪجهڙي نمائندگي ڏني وڃي.