آئين ۾ بغاوت بابت شق 124 اَي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد

0
190

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪي آئين ۾ بغاوت بابت شق 124 اَي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري جي درخواست تي گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو آھي

چيف جسٽس اطهر من الله درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو، شيرين مزاري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته بغاوت بابت شق 124 اَي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ۾ چيو ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، مداخلت نٿا ڪري سگهون