اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي قومي ادارن خلاف نفرت انگيز بيان ڏيڻ کان روڪڻ  لاءِ چيمبر اپيل جو لکت وارو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس منصور علي شاهه 18 جولاءِ تي درخواستگذار قيصر فيصل جي درخواست تي ان چيمبر ۾ ٻڌڻي ڪئي. درخواست تي رجسٽرار آفيس اعتراض واريو هو، جنهن خلاف درخواستگذار چيمبر ۾ اپيل داخل ڪئي هئي. لکت واري حڪم ۾ جسٽس منصور علي شاهه رجسٽرار آفيس جي قانوني اعتراضن کي ڪالعدم قرار ڏيندي درخواست تي انتظامي اعتراضن کي 2 هفتن اندر دور ڪرڻ جو حڪم ڏيندي درخواست کي ٻن هفتن ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته. رجسٽرار سپريم ڪورٽ جو ڪم انتظامي معاملن کي ڏسڻ آهي، اپيلن ۽ درخواستن بابت قانوني معاملن کي ڏسڻ عدالت جو اختيار آهي، آئين موجب رجسٽرار عدالتي اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي، رجسٽرار عدالتي اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي رجسٽرار عدالتي اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي. درخواست آرٽيڪل 184/3 تحت داخل ڪئي وئي.