ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنبير ڪپور چيو آهي ته مان نٿو چاهيان ته منهنجي ڌيءُ راها وڏي ٿي پنهنجي ماءُ جهڙي بڻجي. رنبير ڪپور جيڪو هن وقت پنهنجي فلم “تو جهوٽي مين مڪار” جي تشهير ۾ مصروف آهي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته مان چاهيان ٿو ته راها جڏهن وڏي ٿئي ته هوءَ عاليه جيان خوبصورت نظر آهي پر مزاج ۾ هن جهڙي نه ٿئي بلڪ اها منهنجي شخصيت کي فالو ڪري ڇو ته مان گهر ۾ ٻن عاليا کي نٿو سنڀالي سگهان. رنبير ڪپور چيو ته عاليا جهڙي ٻي ڇوڪريءَ کي سنڀالڻ منهنجي لاءِ ڏکيو ڪم آهي ڇوته هوءَ تمام گهڻو ڳالهائيندي آهي پر مان اميد ڪريان ٿو ته راها مون وانگر خاموش مزاج هجي ته جيئن اسان ٻئي ملي عاليا کي سنڀالي سگهون. واضح رهي ته رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ اپريل 2022ع ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا هئا جنهن جي 6 مهينن کانپوءِ ئي هنن پنهنجي ننڍڙي مهمان جي آمد جو اعلان ڪري ڇڏيو هو.