آئمه بيگ قرنطينه دوران گيت لکندي رهي

0
163

لاهور(شوبز نيوز) ناليواري گلوڪار آئمه بيگ چيو آهي ته مان قرنطينه دوران گيت لکيا.آئمه بيگ پنهنجي مڱيندي سان گڏ تازو هڪ نجي ٽي وي چئنل جي شو ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران پنهنجي ذاتي زندگي سان گڏوگڏ ڪيريئر جي حوالي سان به گفتگو ڪئي.

آئمه بيگ چيو مون کي ياد آهي ته جڏهن عالمي وبا ڪورونا اچڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ وئي هيس ته مان ويهي گيت لکيا هئا.سندس موجب ڇو ته گيت جي حوالي سان هڪ پروڊيوسر جي نظر جي ضرورت هوندي آهي، تنهن ڪري مان اهي گيت شيراز کي ڏيکاريا ۽ هن کي منهنجي لکيل گيتن تي يقين نه آيو.آئمه بيگ ٻڌايو ته شيراز گيتن کي ڏسڻ کانپوءِ انهن ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون.