بئنگلور (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل ۾ گجرات ٽائٽنز جي نمائندگي ڪندڙ ڀارتي ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل ۽ سندس ڀيڻ شاهنيل گِل لاءِ سوشل ميڊيا تي گٿن لفظن جو استعمال ۽ کين بدسلوڪي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. آءِ پي ايل جي 70 هين ميچ ۾ گجرات ٽائٽنز ۽ رائل چئلينجرز  بئنگلور وچ ۾ کيڏي وئي جنهن آر سي بي پهريان بيٽنگ ڪندي 197 رنسون ٺاهيون، ٽيم جي اوپنر ويرات ڪوهلي 61 بالن تي 101 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي. پر گجرات ٽائٽنز طرفان اوپنر شڀمن گِل 52 بالن تي تيز رفتاري 104 رنسن جي اننگز  کيڏي جنهن جي مدد سان گجرات ميچ ۾ فتح حاصل ڪئي، جڏهن ته رائل چئلينجرز بئنگلور ليگ مان ٻاهر ٿي وئي. ڪوهلي جي ٽيم جي ليگ مان ٻاهر ٿيڻ تي سپر اسٽار ڪرڪيٽ جي پرستارن سماجي رابطن جي مختلف پليٽ فارمز تي آپي مان نڪري ويا ۽ آر سي بي جي شڪست جو ذميوار شڀمن گِل کي قرار ڏيڻ لڳا. رڳو اهو ئي نه پر ڪجهه واهپيدارن ته ڪرڪيٽر جي ڀيڻ شاهنيل گِل کي به نه بخشيو ۽ شاهنيل جي چار هفتا اڳ اسٽيڊيم ۾ ورتل تصوير تي ناڪاري تبصرا ڪرڻ لڳا.