ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان کانپوءِ سريلنڪا کان شڪست تي ڀارتي ڪرڪيٽ جي شوقينن پنهنجي ٽيم مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آهي. مداحن ڀونيشور ڪمار 7 رشڀ پنت کي ميچ جو ولن قرار ڏيندي “پنت هٽايو ٽيم بچايو” جو فارمولو به ڏئي ڇڏيو. آخري اوور ۾ رشڀ پنت جي غلط ٿرو تي مداحن چيو ته اڄ ڌوني جي حاضر دماغي جي ڪمي محسوس ٿي ۽ 19 هين اوور ۾ 14 رنز ڏيڻ تي ڀونيشور تي به سخت تنقيد ڪئي وئي. آخري لمحن ۾ ارشديپ سنگهه کي نظرانداز ڪرڻ تي ماڻهن ڪپتان روهت شرما کي به تنقيد جو نشانو بڻايو، ڪنهن چيو ته آءِ پي ايل کيڏڻ وارن کي هاڻي پي ايس ايل کيڏي ڪجهه سکڻو پوندو، ته ڪنهن چيو ته ڀارتي ٽيم کي فوري طور مشڪل فيصلا وٺڻا پوندا، پهريان ئي گهڻي دير ٿي وئي آهي.