آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پاڪستان جي بيٽنگ جاري

0
214
آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ

ڪراچي: آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ اهم ميچ ۾ بنگلاديش خلاف پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي

ايڊيليڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي بابر اعظم کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني، بنگال ٽائيگرز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 127 رنسون ٺاهيون

128 رنسن جي ٽارگيٽ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم 2 وڪيٽن جي نقصان تي 70 رنسون ٺاهيون جڏهن ته 12  اوورن جي راند مڪمل ٿي وئي آهي

ڪپتان بابر اعظم 33 بالن تي 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته محمد رضوان 32 بالن تي 32 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو

پهرين اننگز ۾ شاهين شاهه آفريدي 4، شاداب خان 2، افتخار احمد ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي

بابر اعظم چيو ته هڪ ميچ کٽڻ سان اعتماد وڌندو آهي، ٻن شڪستن کانپوءِ هاڻي اسان جو ڌيان هن ميچ تي آهي، ٽيم ۾ ڪابه تبديلي ناهي ڪئي وئي

ان کان اڳ ايڊيليڊ جي گرائونڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ هالينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 13 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ھي به پڙھندا

روهت ٽي 20 ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ بيٽر بڻجي ويو