دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ڪپتان بابراعظم ٽئين نمبر تي اچي ويو. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل ٽي 20 جي نئين رينڪنگ موجب پاڪستان جو محمد رضوان پهرين پوزيشن تي برقرار آهي، ڪپتان بابراعظم هڪ درجو ترقي ڪندي ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي. محمد رضوان جي ريٽنگ پوائنٽس جو انگ 861 ٿي ويو آهي، سوريا ڪمار ياديو 801 پوائنٽن سان ٻئي، بابراعظم 799 پوائنٽن سان ٽئين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو. ٻين بيٽسمينن ۾ ايڊن مارڪرم چوٿين، ايرون فنچ پنجين، ڊيوڊ ملان ڇهين، ديون ڪانوي ستين، پاٿون نسانڪا اٺين پوزيشن تي برقرار آهي. پاڪستاني بالر حارث رئوف جي به ترقي ٿي آهي اهو 14 هين نمبر تي اچي ويو آهي. انگلينڊ جي هيري بروڪ ۽ بين ڊڪٽ جي رينڪنگ ۾ 8 درجا ترقي ٿي آهي، بروڪ 29 هين ۽ بين ڊڪٽ 32 هين نمبر تي اچي ويا. ٽي ٽوئنٽي بالرن جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي آهي، ڏکڻ آفريڪا جو تبريز شمسي ٻئي ۽ انگلينڊ جو عادل رشيد ٽئين نمبر تي موجود آهي. رينڪنگ ۾ افغانستان جو راشد خان چوٿين ۽ سريلنڪا جو وانندو هسارنگا پنجين نمبر تي اچي ويا آهن، قومي ٽيم جو اسپنر شاداب خان 16 هين ۽ شاهين آفريدي 24 نمبر تي هليا ويا.