ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو بادشاهه ڪير بڻجندو؟ پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ اڄ مھا دنگل

0
227
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو بادشاهه ڪير بڻجندو؟ ميلبورن جي ميدان تي پاڪستان جو اڄ انگلينڊ سان مها دنگل، مئچ پاڪستاني وقت موجب منجهند هڪ وڳي شروع ٿيندي

ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ انگلينڊ کي پاڪستان تي نفسياتي برتري حاصل آھي، هيل تائين ٿيل 28 مئچز مان انگلينڊ 18 مئچز ۾ ميدان ماريو، پاڪستان کي 9 مئچز ۾ فتح نصيب ٿي، هڪ مئچ بنا نتيجي ختم ٿي

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ٻئي ٽيمون 2 ڀيرا آمهون سامهون ٿيون، ٻنهي مئچز ۾ انگلينڊ ڪاميابي ماڻي، اڄ ٽيون ڀيرو وري ٻنھي ٽيمن جا رانديگر ميدان تي لهندا

پاڪستان 1992ع ورلڊ ڪپ جي تاريخ کي ٻيهر ورجائڻ لاءِ تيار آھي، انگلينڊ به تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن، مها دنگل شروع ٿيڻ کان اڳ تقريب منعقد ٿيندي

تقريب ۾ مقامي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، مئچ جي پڄاڻي تي آتشبازي ڪئي ويندي، موسميات کاتي طرفان ميلبورن ۾ اڄ برسات جو به امڪان ڏيکاريو ويو آھي

ھي به پڙھندا

ھر بال تي ڇڪو ۽ چوڪو: انگلينڊ ڀارت جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، فائنل ۾ پاڪستان سان مھاڏو اٽڪائيندو