دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽئين نمبر تي اچي وئي. آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رينڪنگ موجب سريلنڪا خلاف پنجن ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم کي شڪست کانپوءِ رينڪنگ ۾ ٽئين مان چوٿين نمبر تي اچي وئي ۽ پاڪستان کي ان جو فائدو ٿيو جنهن سان قومي ٽيم چوٿين مان ٽئين نمبر تي اچي وئي. پاڪستان ويسٽ انڊيز کي هوم گرائونڊ تي ڪلين سوئيپ ڪري ون ڊي رينڪنگ ۾ ڀارت کان چوٿين پوزيشن کسي هئي پر آسٽريليا کي سريلنڪا خلاف 26 رنز تان شڪست کانپوءِ قومي ٽيم جي ريٽنگ ۾ 1 پوائنٽ جو اضافو ٿيو ۽ ٽئين پوزيشن سنڀالي ورتي جڏهن ته ڪينگروز ٽيم 1 پوائنٽ گهٽجڻ سبب چوٿين نمبر تي اچي وئي. آءِ سي سي جي تازي رينڪنگ  وجب نيوزيليند 125 ريٽنگ سان پهرين، انگلينڊ 124 ريٽنگ سان ٻئي، پاڪستان 106 ريٽنگ پوانٽس سان گڏ ٽئين، جڏهن ته آسٽريليا ۽ ڀارت 105-105 ريٽنگز سان ترتيبوار چوٿين ۽ پنجين پوزيشن تي اچي ويا.