آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ: بابراعظم جي پهرين پوزيشن برقرار، ڪوهلي چوٿين نمبر تي اچي ويو

0
243
آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ

دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) نئين ون ڊي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. ڪپتان بابراعظم جي ون ڊي ۾ پهرين پوزيشن برقرار آهي

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين رينڪنگ موجب مينز ون ڊي بيٽنگ رينڪنگ ۾ ڀارت جي ويرات ڪوهلي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ شاندار پرفارمنس جو مظاهرو ڪرڻ کانپوءِ 2 درجا ترقي ڪري چوٿين پوزيشن تي اچي ويو آهي، 3 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ڪوهلي 283 رنز ٺاهيون جنهن ۾ 2 سينچريون به شامل هيون

Who is ICC Player of the Month for September? - Daily Times

پليئرز رينڪنگ ۾ بابراعظم 887 ريٽنگ پوائنٽس سان سڀ کان اڳتي آهي جڏهن ته ڏکڻ افريڪا جو وين ڊر ڊوسن 766 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 759 پوائنٽن سان ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين پوزيشن تي موجود آهن

ڀارت جو اڳوڻو ڪپتان ويرات ڪوهلي گڏيل طور تي 750 پوائنٽن سان چوٿين، ڊيوڊ وارنر 747 پوائنٽن سان پنجين، امام الحق هڪ درجو پوئتي ويندي 740 پوائنٽن سان ستين نمبر تي موجود آهي

هي به پڙهندا

بابراعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ سان ڪجهه نه ٿيندو: وسيم اڪرم