اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ڪپ 2023ع جي ڪواليفائر ميچز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آءِ سي سي سماجي رابطن واري سائٽ تي زمبابوي ۾ ورلڊ ڪپ 2023 جي ڪواليفائر ميچز جي شيڊول جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ اڳوڻي چيمپئن ويسٽ انڊيز، زمبابوي، نيدرلينڊز، نيپال ۽ آمريڪا جي ٽيمن کي گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي، اهڙيءَ ريت سريلنڪا، آئرلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، عمان ۽ يو اي اي گروپ بي جو حصو آهن، آءِ سي سي ڪواليفائر ميچز جي شروعات 18 جون کان ٿيندي، جيڪي 9 جولاءِ تائين جاري رهنديون، ٻئي طرف آءِ سي سي ورلڊ ڪپ لاءِ سڌيءَ ريت ڪواليفاءِ ڪندڙ ٽيمن ۾ پاڪستان، ڀارت، نيوزيلينڊ، انگلينڊ، بنگلاديش، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ افغانستان شامل آهن.