دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) بال تي ٿُڪ هڻڻ جي پابندي کي مستقل ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي سي پلينگ ڪنڊيشنز ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون. آءِ سي سي ڪرڪيٽ جي پلينگ ڪنڊيشنز تبديل ڪندي نئون نظام متعارف ڪرايو آهي، نئين رولز تحت ڪيچ پڪڙڻ تي ڪراسنگ باوجود هاڻي نئون ايندڙ بيٽر ئي بيٽنگ ڪندو، ٽيسٽ ۽ ون ڊي ۾ نئين ايندڙ بيٽر جي لاءِ 2 منٽن ۾ بال کيڏڻ لاءِ تيار هئڻ ضروري هوندو، ان کان اڳ اهو ٽن منٽن جو وقت هو. اهڙي طرح مقرر وقت گذري وڃڻ کانپوءِ حريف ڪپتان ٽائم آئوٽ جي اپيل ڪري سگهندو، جيئن ته ٽي 20 ۾ اهو وقت هڪ منٽ 30 سيڪنڊ برقرار رهندو. بالر جڏهن بال ڪرڻ لاءِ رننگ ڪري رهيو هوندو ان دوران فيلڊنگ ۾ تبديلي ڪرڻ تي ڊيڊ بال سان گڏ حريف ٽيم کي پنج رنز به ڏنيون وينديون جڏهن ته بال ڊيليور ٿيڻ کان اڳ وڪيٽ کان ٻاهر ايندڙ اسٽرائيڪر کي ٿرو ڪرڻ جي ڪوشش تي امپائر ڊيڊ بال ڏيڻ جو پابند هوندو. نان اسٽرائيڪر جيڪڏهن بال اڇلائڻ کان اڳ رن وٺڻ لاءِ ڪريز کان اڳتي نڪرندو ته بالر طرفان اهو رن آئوٽ غير منصفاڻو نه هوندو بلڪ باقاعده رن آئوٽ چيو ويندو.