آءِ سي سي رينڪنگ: حسن علي، شاهين ۽ نعمان علي بهترين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب

0
440

دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) ٽيسٽ جي نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي، حسن علي، شاهين آفريدي ۽ نعمان علي ڪيريئر ۾ بهترين رينڪنگ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. زمبابوي خلاف ٽيسٽ سيريز بعد پاڪستان جي رانديگرن جي رينڪنگ ۾ بهتري آئي آهي. ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ تي عابد علي 40 هين نمبر تي اچي ويو آهي، اسپنر نعمان علي به بهترين رينڪنگ حاصل ڪندي 54 مان 46هين نمبر تي اچي ويو آهي. ٽنهي بالرز اننگز ۾ 5-5 وڪيٽون ورتيون هيون، حسن علي 6 درجا ترقي کانپوءِ 14هين نمبر تي اچي ويو آهي. نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي 6 درجا ترقي بعد 22هين نمبر تي اچي ويو آهي.