آءِ سي سي جو افغان عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ واري پابندي تي ڳڻتي جو اظهار

0
478

ڪراچي(م ڊ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي ) طالبان جي طرفان عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي واري فيصلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ سي سي جي گورننگ باڊي جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ثقافتي ۽ مذهبي چيلنجز جي باوجود آءِ سي سي ڊگهي بنيادن تي عورتن جي ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ پر عزم آهي.

آءِ سي سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ ڪونسل افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال تي نظر رکيون ويٺا آهيون ۽ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ باڊي کي افغانستان ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي ڳڻتي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آءِ سي سي هن مامري کي گورنننگ باڊي جي ايندڙ اجلاس ۾ به اٿاريو ويندو جنهن ۾ سمورن رخن جو جائزو ورتو ويندو.

واضح رهي ته طالبان جي ثقافتي ڪميشن واري نائب سربراهه احمد الله واثق جو چوڻ آهي ته عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو ڪنهن به اهڙِي رانڊ جي اجازت نه ڏينداسين جنهن ۾ هن جو جسم ۽ چهرو ڍڪيل نه هجي.