ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان ناريءَ سميت 6 ڄڻن جي گمشدگي بابت داخل ڪيل درخواستن تي سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 6 هفتن ۾ ناريءَ سميت گم ٿيل شهرين کي بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  گم ٿيل شهرين عبداللطيف، الطاف، اختر، اعظم ۽ ناري سميت 6 ڄڻن جي وارثن جي بازيابي لاءِ  داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهرين عبدالطيف ۽ الطاف جي وارثن عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل شهرين کي بلديه ٽائون مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گم ٿيل ناري سميت ٻين شهرين جي وارثن موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل شهرين کي لياقت آباد ۽ عزيز ڀٽي وارن علائقن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ڄاڻايل شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي.