لاهور (م ڊ) آءِ جي پنجاب وڌيڪ 3 ڊي پي اوز کي تبديل ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پوسٽ جي انتظار ۾ ويٺل فضل حامد کي ڊي پي او اٽڪ مقرر ڪيو ويو آهي، ڊي پي او لوڌران عبدالرئوف بابر کي سينٽرل پوليس آفيس رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، نوٽيفڪيشن موجب ڪاشف اسلم کي ڊي پي او لوڌران بڻايو ويو.