سنڌ ۾ اغوا وارداتن ۾ ايم پي ايز ملوث؟ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ آپريشنز لاءِ فنڊز ڇو ڏيندا؟ آءِ جي

0
551

 

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو+ويب ڊيسڪ)  سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ امن امان بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته سنڌ ۾ اغوا ٿيل بازيابي بعد ٻڌائي ٿو ته فلاڻي وزير جي پي اي پئسا وٺي آزاد ڪرايو، اسان جج نه هجون ها ته 10 ڏينهن ۾ ڪليئر ڪري ٻڌايون ها ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ گهرو سيڪريٽري سعيد مڱڻيجو سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ آڏو پيش ٿيا، جسٽس صلاح الدين پنهور آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇوڪريون اغوا ٿي وڃن، لڄون لٽيون وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم ٿيندو رهي پر ايس ايس يو جا ڪمانڊوز رڳو  وي آءِ پيز جي ڊيوٽي تي مقرر هوندا يا وري ميچز لاءِ سيڪيورٽي ڏيندا

جسٽس صلاح الدين پنهور آءِ جي سنڌ چيو ته  سکر ۾ پوليس جي 31 سئو اهلڪارن مان 16 سئو اهلڪار وي آءِ پيز جي ڊيوٽي تي لڳل آهن

آءِ جي سنڌ چيو ته ايس ايس يو جو رول آهي ته اهي وي آءِ پي پروٽوڪول ۽ عمارتن تي مقرر هجن، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور سوال ڪيو ته اهو قانون تحت آهي يا ڪابينا جو فيصلو آهي؟ آءِ جي سنڌ جواب ڏنو ته منهنجي خيال ۾ قانون تحت نه پر ڪابينا جو فيصلو آهي

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته هتي هر شيءِ وي آءِ پي لاءِ آهي، عام ماڻهوءَ لاءِ ڪجهه به نه آهي، وي آءِ پي ماڻهو پنهنجي لاءِ ذاتي گارڊ به رکي سگهن ٿا، اسان کي ٽن مهينن لاءِ آرمي ۽ رينجرز سميت بهترين فورس گهرجي، اهي فورس جڏهن ٻوڏ ۾ اچي مدد ڪري سگهن ٿا ته هي ته ان کان به وڏو مسئلو آهي، هتي هر کاتي ۾ سياسي مداخلت ٿي رهي آهي، جيڪا خرابيءَ جو سبب آهي

 آءِ جي سنڌ چيو ته توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته سنگين ڏوهن ۾ ڪيتري به بااثر شخيت ملوث ڇو نه هجي کيس نه ڇڏينداسين

عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي ڏوهارين خلاف جوائنٽ آپريشن لاءِ هڪ ٻئي سان مشاورت جي هدايت ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئيسنڌ جي 9يونيورسٽيز جي وي سيز ج

ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ آپريشن لاءِ فنڊ جاري ڇو ڪندا؟ آءِ جي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ۾ ايم پي ايز جي ملوث هجڻ جو ڪنهن وٽ ثبوت آهي ته کڻي اچي، بنا ثبوت جي ڳالهه ڪرڻ غلط آهي

آءِ جي سنڌ چيو ته جن ماڻهن تي الزام هنيا وڃن ٿا اهي اسان کي ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ فنڊز ڇو ڏين ها، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج کي گهرائڻ حڪومتن جو ڪم آهي، ڪجهه سال اڳ تائين حيدرآباد کان اڳتي ماڻهو سفر نه ڪري سگهندا هئا، گاڏيون ڪانواءِ ۾ هلنديون هيون، هاڻي رڳو ٽن ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو آهي، ان کي به حل ڪري وٺنداسين

آءِ جي سنڌ سکر ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت به ڪئي، ڪچي ۾ آپريشن بابت غور ويچار ڪيو ويو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ٻين هنڌن تان سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا نالا هٽائڻ جو حڪم