ڏهرڪي: آءِ جي سنڌ اوٻاوڙو ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ شهيد اهلڪارن جي ٻارڙن کي ڀاڪرن ۾ ڀري آٿتون ڏنيون ۽ ساڻن پيار ڪيو. ان موقعي تي هن سلطو شر سان مقابلو ڪري کيس ماريندڙ  ايس ايچ او ايوب ڊوگر کي پڻ  ڀاڪر ۾ ڀري شاباس ڏني. هن رائونتي واقعي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار ممتاز سومرو کي تسلي ڏني ۽ سندس بهادريءَ جي واکاڻ ڪئي.