آءِ جي اسلام آباد کي بني گالا تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم

0
202
بني گالا تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم
آءِ جي اسلام آباد کي بني گالا تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم

اسلام آباد: آءِ جي اسلام آباد بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل جي ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ بني گالا تي ڇاپو هڻڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، پر وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آءِ جي کي بني گالا تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم ڏنو آهي


ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير سعودي عرب مان آءِ جي اسلام آباد سان فون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران آءِ جي کيس بريفنگ ڏني ته شڪ آهي ته شهباز گل جو ڊرائيور بني گالا ۾ موجود آهي، تنهنڪري اسان بني گالا تي ڇاپو هڻي کيس حراست ۾ وٺنداسين

ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله آجي اسلام آباد مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي شهباز گل جي گهرواري کي گرفتار نه ڪرڻ گهرجي، اهو عمل سٺو نه آهي

ھي به پڙھندا

شهباز گِل طرفان فوج بابت بيان ڏيڻ جو اعتراف

شهباز گل کي ڪهڙي قانون تحت تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي: عمران خان