آءِ بي سکر ۾ عهدن تان جنگ: ٻن ڊائريڪٽرز سميت 6 عهديدار مستعفي: اضافي ذميواريون واپس ڪيون آهن: ترجمان

0
329
آءِ بي سکر ۾ عهدن تان جنگ
آءِ بي سکر ۾ عهدن تان جنگ: ٻن ڊائريڪٽرز سميت 6 عهديدار مستعفي: اضافي ذميواريون واپس ڪيون آهن: ترجمان

سکر: آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر ۽ اھم عھدن تي ويٺل عملدارن ۾ سخت اختلاف سامهون آيا آهن

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٻن ايڇ او ڊيز ۽ چئن ڊائريڪٽرز پنھنجي استيفي وائيس چانسلر کي ڏئي ڇڏي، جڏهن ته مستعفي ٿيندڙن ۾ سينيئر ترين پروفيسرز به شامل آهن

آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر پروفيسر آصف شيخ استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن

بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي جي ھيڊ پروفيسر ڊاڪٽر منظور ميراڻي عھدي تان استعيفي ڏئي ڇڏي، ڪمپيوٽر سائنس شعبي جي ھيڊ ڊاڪٽر جاويد شاھاڻي به استعيفي جمع ڪرائي آهي

ڊائريڪٽر ڊاڪٽر پرويز ميمڻ، ڊاڪٽر سرفراز ڊکڻ، پروفيسر ثمر رضا به استعيفائون ڏيندڙن ۾ شامل آهن

آءِ بي اي سکر يونيورسٽي جي ترجمان موجب ايڇ او ڊيز توڙي ڊائريڪٽرز وٽ اضافي چارجز ھيون، جن پنھنجي مرضيءَ سان عھدا ڇڏا آھن، اضافي عھدا ڇڏيندڙ ھن وقت بہ آءِ بي اي جو حصو آھن، جيڪي پروفيسر طور پنھنجو فرض سرانجام ڏئي رھيا آھن

ترجمان موجب وائيس چانسلر ۽ انتظامي عملي ۾ اختلافن وارين خبرن ۾ ڪا به صداقت ناھي