ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسترن جِي مستقلي بابت درخواست تي سيڪريٽري تعليم کان جواب طلب ڪري ورتو، ڪيس جِي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري تعيلم ۽ هيڊ ماسترن جو وڏو انگ عدالت پهتو، عدالت سيڪريٽري تعليم کان پڇاڻو ڪيو ته جڏهن استادن امتحان پاس ڪيو آهي ته کين مستقل ڇو نه پيو ڪيو وڃي، سيڪريٽري تعيلم ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته 17هين گريڊ جي مقرري پبلڪ سروس ڪميشن 00ذريعي ٿيندي، جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته استادن ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، هاڻ کين ڇا ڪرڻ گهرجي؟، درخواستگذار استادن موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان وٺڻو آهي ته اسان ان لاءِ به تيار آهيون، عدالت سيڪريٽري تعليم کي استادن جَي مامري تي وچ جو رستو ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي..