سکر (بيورو رپورٽ) سکر آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس طرفان سنڌ سرڪار جي مختلف کاتن ۾ 15ھين گريڊ تائين گريجوئيٽ اميدوارن جي ورتل ٽيسٽ جا نتيجا پڌرا، ڏيڍ لک کان وڌيڪ گريجوئيٽ اميدوار 40 سيڪڙو مارڪون به حاصل نه ڪري سگھيا، 2 لک 32 ھزار اميدوارن مان صرف 78 ھزار 592 اميدوار پاس قرار.  اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس (ايس ٽي ايس) طرفان سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ خالي پيل پھرين کان 15 ھين گريڊ جي لڳ ڀڳ 50 ھزار خالي سيٽن تي ڀرتي لاءِ سنڌ حڪومت سان معاھدو ٿيو ھو. اي ٽي ايس ويب سائيٽ تي جاري ڪيل نتيجن مطابق مجموعي طور تي 2 لک 31 ھزار 986 گريجوئيٽ اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو، جن مان ھڪ لک 53 ھزار 123 گريجوئيٽ اميدوار 40 سيڪڙو مارڪون نه کڻي سگھيا. 2 لک 32 ھزار جي لڳ ڀڳ اميدوارن مان صرف 78 ھزار 592 اميدوار ٽيسٽ ۾ پاس ٿيا. واضح رھي ته سنڌ حڪومت طرفان صوبائي حڪومت جي ماتحت مختلف سرڪاري کاتن ۾ پھرين گريڊ کان 15 گريڊ تائين خالي پيل 50 ھزار جايون ڀرڻ لاءِ آءِ بي اي سکر ٽيسٽنگ سروس سان معاھدو ڪيو ويو ھو. اِن کان اڳ تعليم کاتي ۾ 52 ھزار پي ايس ٽي توڙي جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي به آءِ بي اي ٽيسٽنگ سروس معرفت سنڌ حڪومت طرفان ڪئي وئي ھئي.