آءِ بي اي ٽيسٽ: اميدوارن کي نظر انداز ڪرڻ خلاف درخواست تي جواب طلب

0
174
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو، اشتهار به معطل
سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي  سمورن کاتن ۾ ڀرتين کان فوري طور تي روڪي ڇڏيو، اشتهار به معطل

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي پاران ھارڊ ايرياز ۽ سافٽ ايرياز جي بنياد تي اميدوارن  کي نظرانداز ڪرڻ خلاف درخواست تي اسسٽنٽ  ايڊووڪيٽ جنرل کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني آهي

عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 28 مارچ  تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته  چاھيون ٿا ته جيئن ٻين کي آرڊر ڏنا ويا آهن تيئن اسان کي به  ڏنا وڃن، تعليم کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري  پنھنجي علائقي جي ھارڊ ايرياز اميدوارن کي آرڊرز ڏنا آھن، ھڪ سنڌ ۾ ٻٽي پاليسي خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويو آهي

درخواستگذار موجب 20 ھزار کان وڌيڪ اميدوارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، عدالتي پابندي باوجود تعليم کاتي پاران من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون ويون

درخواست ۾ چيو ويو ته  33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ھارڊ ايرياز جو جواز ڄاڻائي نظرانداز ڪيو ويو

عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي 28 مارچ  تي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي

هي به پڙهندا

جميل احمد سومرو کي مبينا ڌمڪيون ڏيڻ تان گسٽا ضلعي صدرجِي ايم ابڙو گرفتار، احتجاج