آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل مامرو: حسين صديقي، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ بيگناهه قرار

0
1362
آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل مامرو

سکر(ن پ ا) آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل واري معامري ۾ ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جاچ آفيسر ايف آءِ اي ٽن ڄڻن حسين صديقي، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ کي بيگناھ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، جڏهن ته بختاور سومرو اڳ ئي وڊيو ٺاھڻ جو اعتراف ڪري چڪي، ايف آءِ اي وڊيو اسڪينڊ ۾ اُن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم جاچ دوران انڪوائري آفيسر پاران آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي عملدارن جا به بيان رڪارڊ ڪيا ھئا، بختاور سومرو، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ جا به جاچ دوران بيان ورتا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل معاملي متعلق آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا جي جاچ ڪميٽي طرفان جوڙيل سفارشون به ايف آءِ اي حوالي ڪيون ويون ھيون، وڊيو ٺاھڻ جي الزام ھيٺ آيل بختاور سومرو جو موبائل فون ايف آءِ اي جي فارينزڪ چڪاس واري شعبي کي اماڻيو ويو ھو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي انتظاميا پاران ايشا بلوچ کي ملوث قرار نه ڏنو ويو ھو پر ايف آءِ اي ايشا بلوچ جو بيان به رڪارڊ ڪيو ڇو ته اھا ڇوڪري به وڊيو ۾ شامل ھئي.
رپورٽ موجب انڪوائري آفيسر پاران بيانن بعد چئني الزام ھيٺ مٿي ڄاڻايل وڊيو اسڪينڊل جي مبينا ڪردارن کان آڏو پُڇا به ڪئي وئي هئي، پڇا دوران بختاور سومرو پاران رضاڪاراڻي نموني الزامن کي مڃڻ جو اقرار ڪيو ويو، حسين صديقيءَ آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي انتظامي آفيسرن پاران مٿس لڳايل سمورا الزام رد ڪيا، بختاور بڙديءَ به پاڻ مٿان لڳل سمورن الزامن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته ھوءَ بختاور سومرو جي سھيلي آھي ۽ ھن کي وڊيو واري معاملي جي ڪا ڄاڻ نه ھئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايشا بلوچ به آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي آفيسرن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ واري الزام جي ترديد ڪئي، حسين صديقي، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ وڊيو ٺاھڻ ۽ ڦھلائڻ واري عمل ۾ ملوث نه آھن. ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي انتظامي آفيسرن پاران حسين صديقيءَ تي جيڪي به الزام لڳايا ويا اھي حقيقتن تي ٻڌل نه آھن