آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل: حسين صديقي جا نوان ۽ اهم انڪشاف، رجسٽرار جا الزام رد

0
754

سکر (بيورو رپورٽ) آءِ بي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڇ آر ۽ اڳوڻي وي سي نثار صديقي جي پُٽ طرفان رجسٽرار زاهد کنڊ جي الزامن جي ترديد ڪئي وئي، ٽائيم نيوز سان ڳالهين دوران حسين صديقي اهم انڪشاف ڪيا آھن، حسين صديقي چيو آهي ته آءِ بي جي هڪ عملدار جي زال ۽ سالي کي جعلي ڊوميسائيل سان ڀرتي ڪيو ويو، هڪ شاگرد ۽ شاگردياڻي کي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي بيدخل ڪيو ويو، نثار صديقي جي لاڏاڻي کانپوءِ هڪ بااثر شخصيت شاگرد ۽ شاگردياڻي جي ٻيهر داخلا ڪرائي ڇڏي، رجسٽرار زاهد کنڊ جعلي ڪميٽي ذريعي بختاور سومرو کي ڌمڪيون ڏنيون ته منهنجي خلاف بيان ڏئي، ڪميٽي وڊيو ۾ اٿاريل مسئلن بدران اسان خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، حسين صديقي بختاور سومرو کان ڪميٽي جي پڇاڻي واري سموري وڊيو منظرعام تي آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته احتجاجي وڊيو ۾ اٿاريل مسئلن ۽ غيرقانوني ڪميٽي جي مامري جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو.