آءِ بي اي سکر پاران وائرل وڊيو ۾ لڳايل الزام رد، ڪميٽي قائم

0
327

سکر (بيورو رپورٽ) سوشل ميڊيا تي ٻن مبينا شاگردياڻين جي وائرل ٿيل وڊيو واري مامري ۾ آءِ بي اي سکر طرفان ترديدي بيان جاري ڪندي وائرل وڊيو ۾ لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. يونيورسٽي انتظاميه پاران واقعي جي انڪوائري لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن جي ميمبرن ۾ 21 ھين گريڊ جا سينيئر پروفيسرز شامل آهن. ڪاميٽي انڪوائري ڪندي ته وڊيو ۾ موجود يونيورسٽيءَ جون شاگردياڻيون آھن يا نه ؟ واضع رهي ته وائرل ٿيل وڊيو ۾ آءِ بي اي سکر جي مبينه شاگردياڻين يونيورسٽي جي اھم عملدارن مٿان سنگين قسم جا الزام لڳايا آھن.