ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار 35 سرڪاري کاتن ۾ 90 هزار سرڪاري نوڪرين بابت آءِ بي اي سکر پاران ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ روڪرائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي کان لاچاري ظاهر ڪندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 35 سرڪاري کاتن ۾ 90 هزار سرڪاري نوڪرين بابت ٿيندڙ ٽيسٽ روڪڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل طارق منصور موقف ڏنو ته سرڪاري کاتن ۾ 90 هزار سرڪاري نوڪرين تي ڀرتيون ٿي رهيون آهن، انهن ڀرتين ۾ شهري سنڌ کي محروم ڪيو پيو وڃي، من پسند ڀرتيون ڪري اصل حقدارن کي متاثر ڪيو پيو وڃي، 16 جنوري تي ٿيندڙ ٽيسٽ لاءِ منع نامو جاري ڪيو وڃي، جسٽس محمد جنيد غفار درخواست تي ٻڌڻي کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، جسٽس محمد جنيد غفار ريمارڪس ڏنا ته درخواست سول بينچ جي روبرو لڳائي وڃي،  اسان ٽيڪس ميٽر ڏسون پيا، عدالت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو.