اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جي ميزباني ۾ ملڪ جي کاٻي ڌر جي پارٽين  جي ڪل  جماعتي ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات لاءِ فوري طور تي غير پيداواري خرچن کي گهٽ ڪري اعليٰ سرڪاري ملازمن جون مراعتون ختم ڪيون وڃن، ڪالهه ٿيل ڪانفرنس ۾ پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، پاڪستان انقلاب پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، پاڪستان مزدور محاذ، ڄمون ڪشمير نيشنل پارٽي، حقوق خلق پارٽي، پاڪستان سرائيڪي پارٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو ۽ ٻين  اڳواڻن چيو ته ڪل جماعتي ڪانفرنس جو مقصد محنت ڪش عوام، مزدورن ۽ هارين لاءِ متبادل سياسي نڪته نظر تيار ڪرڻ آهي، اجلاس ۾ قرارداد منظور ڪري مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪري، سرائيڪي عوام جي خواهشن مطابق کين ڌار حيثيت ڏني وڃي، پاڻي چوري کي روڪيو وڃي، پاڻي کوٽ يا اضافي کي برابري جي بنياد تي تقسيم ڪيو وڃي، بند صنعتن کي بحال ڪري نجڪاري عمل روڪيو وڃي، ننڍي عمر جي ٻارن جي شادين خلاف قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ اندر مسئلن کي حل ڪيو وڃي، سوڪهڙو وڌي رهيو آهي وڏن ڊيمن جا منصوبا ختم ڪري ننڍا ڊيم قائم ڪيا وڃن، يوڪرين جي جنگ ختم ڪئي وڃي، ڪانفرنس ۾ 16 پارٽين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده صورتحال جي ذميواري پاڪستان جي سول ملٽري آفيسر شاهي ۽ پاڪستان جا حڪمران طبقا آهن.