آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالرز ملي ويندا: وزير اعظم

0
163
سُپريم ڪورٽ جي فيصلي

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان جلد 2 ارب ڊالرز ملي ويندا، سڄي دنيا هن وقت معاشي بحران جو شڪار آهي، ڏُکيائين کي منهن ڏئي معاشي بحران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

وزيراعظم شهباز شريف ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ذاتي پسند ۽ ناپسند مان نڪري ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو

وزير اعظم چيو ته  اسان جي اصل منزل ملڪ کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ آهي، ملڪ هن وقت ڏکين حالتن ۾ آهي، عوام جي سهڪار سان پاڪستان کي بچائڻو آهي