ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) آءِ ايم ايف سان ڊيل ۾ دير سبب ڊالر ۾ ٻيهر تيزي: اوپن مارڪيٽ ۾ 267 رپين تي پهتو : سون پڻ 300 رپيا مهانگو، ان ڏس  ۾ ڪراچي جي صرافه بازار  ۾ سون  300 رپيا واڌ سان 194100 مان 194400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 2 ڊالرن جي لاٿ سان 1810 ڊالر في آئونس تي پهچي ويو، هوڏانهن  چاندي  10 رپيا واڌ سان 2220 aمان 2230 رپيا  ٿي وئي، جڏهن ته  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا اضافي سان  265 مان 267 ۽ انٽر بينڪ ۾ 1.58 رپين جي واڌ سان 259.92 مان 261.50 رپيا ٿي ويو، ٻئي طرف  پائونڊ ۽ يورو 2 رپين جي اضافي سان ترتيبوار  316 مان 318 ۽ 277.3 مان279.3 رپين تي پهتا هئا