آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تي لچڪ نه پيو ڏيکاري، پيٽرول مهانگو ڪرڻ باوجود معاهدي تي صحيح ناھي ڪئي

0
290
هيروئن ڪيس بابت آرمي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته  آءِ ايم ايف پنهنجي شرطن تي لچڪ نه پيو ڏيکاري، پيٽرول مهانگو ڪرڻ باوجود معاهدي تي صحيح نه ڪئي آهي

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ھڪ بيان ۾ چيو آهي ته  اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان اهڙو معاهدو ڪيو، جيڪو پاڪستان جي حالتن تحت نه هو، پي ٽي آءِ کي غلطي مڃي ميثاق معيشت تي ڳالهائڻ گهرجي

ھن چيو تھ پي ٽي آءِ معيشت کي ايترو ته خراب ڪيو آهي، جو اُن کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ڊالر جو مُلهه وڌڻ جو ڪارڻ آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيڻ آهي، جيئن ئي معاهدو ٿيو ته ڊالر کي 182 رُپين تي آڻينداسين