اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير مفتاح اسماعيل دعويٰ ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام هڪ اڌ ڏينهن ۾ بحال ٿي ويندو، امير ماڻهن تي ٽيڪس لڳندا، تفصيل موجب ڪالهه سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين به شرڪت ڪئي، شوڪت ترين جو چوڻ هو ته فارماسوٽيڪل ڪمپنين لاءِ سيلز ٽيڪس ان شعبي کي دستاويزي بنائڻ لاءِ لڳايو ويو هو، دوائن سان گڏ ساڳئي فيڪٽري جوس ۽ ميڪ اپ ٺاهي رهي آهي، اهي سيلز ٽيڪس نه ٿا ڏين، انهن تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو بجاءِ گهٽ لڳايو ويندو ته اهي ٽيڪس ادا ئي ڪندا، ريفنڊ جي حوالي سان ايف بي آر جو نظام آٽو ميٽڪ هجڻ گهرجي، اگر فارماسوٽيڪل کي ريفنڊ ڪيو ويو ته ان جو مطلب انهن جي ڊاڪيومينٽيشن نه ٿيندي، حڪومت کي ان طرح جي مشڪل فيصلن کان پوئتي نه هٽجڻ گهرجي، جيولرز تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو وڃي، رٽيلرز تي به سيلز ٽيڪس لڳايو وڃي، کاڄرو تيل تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳايو پيو وڃي، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ايندڙ سال 6 ارب 50 ڪروڙ ڊالرن جو کاڄرو تيل امپورٽ ٿيندو، اسان وٽ 6 ارب 50 ڪروڙ ڊالر ناهن، کاڄرو تيل تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ڪاميٽي جي اجلاس دوران ڪاميٽي ميمبرن ۽ ناڻي وزير ۾ جملن جي ڏي وٺ به ٿي، ڪاميٽي ميمبرن ناڻي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ کان پاسو ڪيو، اڳوڻي  ناڻي وزير شوڪت ترين جو چوڻ هو ته غريبن بجاءِ ڪنهن ٻئي جو کيسو کٽيو وڃي، جنهن تي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اهو کيسو به ڪٽينداسين، توهان بي فڪر رهو، اڃا ته ٻيا کيسا به ڪاٽڻا آهن، جنهن تي ايوان جي ميمبرن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ناڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته اميد آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام هڪ اڌ ڏينهن ۾ بحال ٿي ويندو، ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي سان آءِ ايم ايف جو ڪو تعلق ناهي، سالياني 12 لک آمدني تي به ٽيڪس ڇوٽ برقرار رهندي، امير ماڻهن تي ٽيڪس لڳندا، هن چيو ته آءِ ايم ايف کي پگهارن ۾ اضافي ۽ سالياني 12 لک آمدني تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ تي ڪو اعتراض ناهي، ناڻي وزير چيو ته غريب ماڻهن کي رليف ڏينداسين، فارماسوٽيڪل ڪمپنين کي ريفنڊ ايندڙ 4 ڏينهن کان پوءِ ادا ڪرڻ شروع ڪنداسين، 4 ڏينهن ۾ اهو سلسلو شروع نه ٿيو ته ايندڙ ٽن مهينن ۾ ريفنڊ ڪليئر ڪري ڇڏينداسين، ڪاميٽي سفارش ڪئي آهي ته 30 ڪروڙ رپيا آمدني تائين ٽيڪس نه لڳايو وڃي، ان کان وڌيڪ آمدني تي ٽيڪس لڳايو وڃي، ها ڳالهه ته ٺيڪ آهي پر پئسن جي گهڻي ضرورت آهي، ڪمپنين کان ساليانو 30 ڪروڙ آمدني تي 2 سيڪڙو سپر ٽيڪس ورتو ويندو، مفتاح اسماعيل چيو ته خالي پلاٽ تي جيستائين اڏاوت شروع نه ڪئي ويندي ته ٽيڪس وٺنداسين، پهرين سر به لڳي ته ڪا به ٽيڪس نه وٺنداسين، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٽيڪسن ۾ اضافي تي ناراض ٿي وڃي ٿو، اهو بار بار ٽيڪس گهٽ ڪرڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم کي چوندو آهيان ته ٽيڪس نه وڌائينداسين ته آمدني ڪيئن وڌندي، هن انڪشاف ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هر سال 80 ٽن سون اسمگلنگ ٿئي ٿو، صرف 15 ڪلو سون قانوني طور تي امپورٽ ٿئي ٿو، اهڙا به جيولرز آهن جن جي روزانو ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آمدني آهي پر جڏهن دڪاندار کان پڇون ٿا ته اهي چون ٿا ته روزانو 4 هزار رپين جي سيل ٿئي ٿي.