آءِ ايم ايف پاڪستان جي قدمن کان خوش؟، مفتاح وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

0
187
تيل اگهن بابت آصف زرداري

آءِ ايم ايف پاڪستاني حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي قدمن تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ قرض جي رقم ۽ بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ سال واڌ جي اُميد آهي

پرڏيهي خابرو اداري سان گفتگو ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ، آءِ ايم ايف سان بنيادي طور تي بجيٽ ۽ مالياتي قدمن تي اتفاق ٿيو آهي،  مالي هدف طئي ڪرڻ وارو مرحلو رهيل آهي، جنهن تي به جلد اتفاق جِي اميد آهي

مفتاح اسماعيل چيو ته، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ قرض جي رقم ۽ بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ سال واڌ جي اُميد آهي، ڳالهين ۾ رنڊڪن جو ڪوبه خدشو ناهي

ٻئي پاسي حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مالياتي هدف طئي ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن

آءِ ايم ايف ترجمان موجب پاڪستان ۾ مائڪرو اڪنامڪس استحڪام جِي بهترين وارين پاليسين  تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسٽيٽ بينڪ سان گڏجي مالي هدف طئي ڪنداسين،ايندڙ بجيٽ جي حوالي سان اهم اڳڀرائي  ٿي چڪي آهي

ذريعن موجب آءِ ايم ايف پيٽروليم شين تي 50 رپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اِها ليوي هر مهيني پنج پنج رپيا ڪري لڳائي ويندي، ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 7 هزار 5 ارب مان وڌائي 7 هزار 450 ارب رپيا ڪيو ويندو